Ghulam Hussain Rangrez

 

 

 

 

 

 

 

 

 

غلام حسين رنگريز صاحب

18 اپريل 1945ع جنم ڏينهن

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور ليکڪ، ڪالم نگار، شاعر، دانشور ۽ تعليمي ماهر سائين غلام حسين رنگريز 18 اپريل 1945ع تي شفيع محمد کٽي جي گهر ۾ ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو، سائين غلام حسين رنگريز پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مير پور بٺوري ۽ اعلي تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، جنهن ۾ تعليم ۽ لا جون ڊگريون به شامل آهن، سائين رنگريز پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪئي، پوءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماسٽر ٽرينر ۽ پرنسپال جي عھدي تي رھيو، جتي سائين جو شمار سنڌ جي بھترين استادن ۾ ٿئي ٿو، سائين استاد جي نوڪري، نوڪري نه پر هڪ ذميواري سمجهي سر انجام ڏني، سندن ڪيترائي شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر ٿيا، وڏن عھدن تي پھتا، استاد ۽ شاعر ليکڪ ٿيا، سائين رنگريز جيئن ته سڌو ۽ سچو ماڻهو ھو ان ڪري نوڪري دوران ڪيتريون ئي سختـيون به سٺائين، مون جيئن سائين جي لکڻين مان نوٽ ڪيو آهي ته سائين، سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويو کان متاثر ھو، ان ڪري سائين پاڻ به مون کي انهن جھڙو ئي لڳندو هو، سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويو کي به مون جڏھن به ڏٺو ته نوجوانن جي وڳـر ۾ ڪچهريون ڪندي، سائين رنگريز صاحب کي به جڏھن به ڏسبو ھو ته نوجوانن جي وڏي ٽولي جي وچ ۾ ڪچهريون ڪندي، سائين رنگريز جو شمار سنڌ جي تمام وڏن شاعرن ۽ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، سندن شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي، سندن شاعري جو ھڪ مجموعو “اکين اڃ اپار” جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ٻيو مجموعو “روح جو آبشار” جي عنوان سان سھيڙيل آهي، سائين جي ٻين ڇپيل ڪتابن ۾سرمد ڇا ٿو سوچي؟، وکر سو وهاء، غلام جا ٽهڪڙا، سونهن، سهائي، سوچ، مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تاريخ،  فن تحرير جي تاريخ شامل آهن، جڏهن ته سائين جي آتم ڪٿا به ٻن جلدن “خانا بدوش روح جي ڪٿا” ۽” رھيو روح رباب” ۾ ڇپيل آهي، جيڪي پنهنجي جاءِ تي ھڪ تاریخي دستاويز آهن، ان کان سواءِ سائين جا ڪجھ ٻيا مسودا به ڇپائي لاءِ تيار آهن، جن ۾ خاڪا، ھٿن مان ڪريل دعا، ڀنڀور کي باهه، ھڪ آرزو جو انت وغیرہ شامل آهن، سائين غلام حسين رنگريز سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيو، ھن 2 سيپٽمبر 2021ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.