Humeera Channa

 

 

 

 

 

 

 

حمیرا چنا

22 جون 1970:  تاریخ پیدائش

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

جنرل ضياء الحق جو دور ملڪ، خاص ڪري سنڌ لاءِ انتهائي گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول ھو، جڏھن خيال ء اظھار تي ته پابندي ھئي، ريڊيو، ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن لاءِ لکيل اسڪرپٽس خاص بورڊ جي ايپرول کان پوءِ نشر/ٽيلڪاسٽ ٿيندا هئا، پر شاعري به چيڪ ٿيندي هئي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مختلف پابنديون لڳايون ويون، قومي ميڊيا تي ته “سنڌڙي تنهنجو نانءُ ڳنيو، ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو” واري صورتحال ھئي، پي ٽي وي ء ريڊيو تي ھزارن جي تعداد ۾ موجود سنڌي ڪلامن ۽ رڪارڊن کي ضايع ڪيو ويو، چيو ويو ته انھن م سنڌي قوم پرستي سمايل آھي، شاطر ماڻھن ڪا ڪثر ڪانه ڇڏي، سوين ناياب رڪارڊ گم ڪيا ويا، گھڻن وڃي پنهنجون ذاتي ميوزڪ لائبريريون سجايون، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي آواز خزاني مان ڪيترائي ڪلام ڪاپي رائٽ جو خيال نه ڪندي ذاتي ادارن پاران ڪيسٽن جي شڪل ۾ آندا ويا، اھڙي ماحول سنڌ مان جيڪي آواز اڀريا، انھن مان سڀني کان نمايان نالو حميرا چنا جو آهي، جيڪا ھن وقت تائين پنهنجو ٽيمپو برقرار رکيو اچي ۽ موسيقي جي ميدان ۾ سنڌ جو نالو به برقرار رکيو اچي، ھن پاڪستان ٽيليويزن تي شروع ۾ جن موسيقي جي پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، انھن مان “سنڌ سينگار” پروگرام تمام اھم آھي، جنھن جا ڪجهه پروگرام  اسٽيج شو وانگر ھليا ھئا، حميرا چنا ان ۾ شاھ لطيف جا شاندار ڪلام ڳايا ھئا، “جوڳي ڏاڍي ذات” ۽ “جيئن ٿا ڏينھن لنگهن”، سنڌي ڪافي ڪلام ٻڌندڙن کي اڄ به ياد ھوندا، جيتوڻيڪ اھي ڪلام پھرين سنڌ جي تمام وڏي گائڪ استاد محمد جمن جا ڳايل ھئا، پر حميرا چنا جي آواز ۾ به تمام گهڻو پسند ڪيا ويا، حميرا چنا 22 جون 1970ع تي مشھور فلمي شخصيت غلام محمد چنا ۽ پنهنجي دور جي خوبصورت فنڪاره لڪي ناز جي گهر ۾ جنم ورتو، لڪي ناز به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي سولو ۽ ڊوئيٽ ڳايا، حميرا چنا پنهنجي گهر جو ماحول ڏسي ۽ پنهنجي ماءُ سان گڏ ريڊيو پاڪستان جا چڪر لڳائيندي ننڍي عمر کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو، ھن مختلف فنڪارن ۽ موسيقارن کان راڳ جي سکيا ورتي، ھونھن ته سنڌي ۽ سرائڪي ڪافي ڪلام ڳائڻ ۾ حميرا چنا جو جواب ناهي پر ھن تقريبن پاڪستان جي سڀني ٻولين ۾ ڪلام، گيت، غزل، لوڪ گيت ته ڳايا آهن پر لاتعداد فلمن جي لاءِ پلي بيڪ سنگنگ به ڪئي آهي، گذريل پنجويهه ٽيهه سالن کان پاڪستان ٽيليويزن جي موسيقي جو اھڙو ڪو به پروگرام ناهي جنهن ۾ حميرا چنا پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو ھجي، سندس فن جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان ٽيليويزن جڏھن ننڍي کنڊ جي مشهور فنڪار مھدي حسن تي مشھور فنڪار سلمان علوي جي ميزباني ۾ پروگرام “بزمِ مھدي حسن” شروع ڪيو ته مھدي حسن جا ڳايل اسم وري ڳائڻ لاءِ ميوزڪ ايڪسپرٽ طور حميرا چنا کي شامل ڪيو، حميرا چنا جا ھن وقت تائين مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي ميوزڪ البمز اچي چڪا آهن، ھن ياد طور محمد جمن، محمد يوسف، محمد ابراهيم، موھن ڀڳت، غلام قادر لنجواڻي سميت مختلف سنڌي فنڪارن جا اسم ڳايا آهن، جن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي، اڄ ڪلھ سنڌ جي ھي سدا ملوڪ فنڪارا  لاهور ۾ رھي ٿي پر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز جي عرسن سميت مختلف پروگرامن ۾ اچي شريڪ ٿيندي آهي، ھن سنڌ، ملڪ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي، کيس لطيف ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي..

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.