Allahdad Bhayio

 

 

 

 

 

 

 

الھداد بوھیو

16 جولاء 1994: تاریخ وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي ھڪ تمام وڏي علمي ادبي شخصيت ۽ اُملھہ انسان ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو 8 آگسٽ 1934ع تي جنم ورتو، علم ۽ ادب ۾ ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو جو مقام ھڪ عالم وارو آهي، ھن ڪيترن ئي ڪلاسن لاءِ نصابي ڪتاب ترتيب ڏنا يا انهن جي نظر ثاني ڪئي، ھي وڏي پايي جو نقاد ۽ لسانيات تي عبور رکندڙ هو، ھن ڊاڪٽريٽ به لسانيات تي ڪئي ھئي، ھن جي مشهور تصنيف   “ادب جا فڪري محرڪ” آهي، جنھن جا ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن، پھريون ايڊيشن غالبن 1984ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ آ خري ايڊيشن تازو آيو آهي، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو شاهه لطيف جي شاعري جو به وڏو شارح ھو، ھي سدائين متحرڪ رهيو، سندس وفات به ھڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٿي ھئي، سندس آخري لفظ به ڏاڍا معني خيز ھئا، ٿيو ائين جو 16 جولائي 1994ع تي پاڻ جڏھن ٽنڊي آدم ۾ ھڪ تعليمي سيمينار کي خطاب ڪري رھيا ھئا تہ سندن زبان تي ھيءُ لفظ ”مون ھن قوم کي ھٿيار نہ پر ڪتاب ڏنا آھن ۽ ھن قوم لاءِ آءُ دعا….. “ ادا ٿيا ته کين شدید دل جو دورو پيو، جنھن ۾ ھو اسان کان ھميشہ وڇڙي ويا..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.