Dr: Sher Mehrani

ناميارو ليکڪ ۽ اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻي

زين سولنگي

سال 2012 يا 2013 هو ، هڪ ڏينهن منجهند جو نوجوان شاعر ۽ صحافي زاهد ڄامڙو جي ڪال آئي ، هنن چيو ته ڊاڪٽر شير مهراڻي کي ليڪچرر سنڌيءَ جو جوائننگ آرڊر گلستان جوهر ڊگري ڪاليج ڪراچيءَ جو مليو آهي ، ٻڌو آهي ته اوهان جو مامو پروفيسر محمد ابراهيم سولنگي اتي پرنسپل آهي ، ڊاڪٽر صاحب جي اتي جوائننگ ڪرائڻي آهي ٿوري وقت ۾ هو اتان ڪراچي يونيورسٽي هليا ويندا ، ڇاڪاڻ ته هنن جي اتي سنڌي شعبي ۾ سليڪشن ٿي چڪي آهي . مان زاهد کي چيو ته منهنجو مامو بلڪل آهي ۽ ڊاڪٽر شير جي اتي جوائننگ ٿيندي بس رڳو مونکي ماما سان رابطو ڪرڻ ڏيو . آءُ فورن ماما جو نمبر ملائي ماما کي ڊاڪٽر شير مهراڻي متعلق ٻڌايو ، هنن کي عرض رکيم ته هنن جي جوائنگ ڪيئن به ڪري اتي ٿئي ، هنن کي وڌيڪ چيم ته ڊاڪٽر شير چند ڏينهن بعد ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي کي جوائن ڪندا ، پنهنجا نوجوان به اتي پڙهن پيا ، هيءُ دلبر ماڻهو آهي اتي انهن جي  جائز مدد به ٿيندي .ڊاڪٽر شير مهراڻي بهترين اديب ، ليکڪ ۽ شاندار شخصيت جو مالڪ آهي . ماما چيو ته ٺيڪ آهي مهراڻي صاحب کي موڪليو . مان اها پيرائتي ڳالهه زاهد ڄامڙي کي موبائل تي ٻڌايم ، ايئن ڊاڪٽر شير جن اتي پهچي ويا . حقيقت اها آهي منهنجي هنن سان پهريان ڪائي به واقفيت نه هئي ، مان ڊاڪٽر شير کي روبرو ماما پروفيسر محمد ابراهيم سولنگي جي وفات تي تڏي تي ڏٺو مان ان مهل سوچيم پئي هيءُ ماڻهو مڻيادار آهي ، هن وٽ شخصيت جو قدر آهي ، ڪافي وقت هو اتي ماما جي تڏي تي موجود رهيا هئا.

ناميارو شاعر، ليکڪ، محقق، نقاد، اسڪالر ، لطيف جو پارکو ۽  پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻي هن وقت ملڪي سطح جو تعارف ٺاهيو آهي ، سنڌ ۽ ملڪ جي مختلف ادبي ادارن ۾ هن نوجوان ليکڪ کي احترام جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو ، ڊاڪٽر شير مختلف سنڌي ٽي وي چئنلز تي پڻ ڇانيل آهي ، هنن جي گفتگو علمي سطح جي هوندي آهي ، هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ڪمال جو نالو ڪمايو آهي ، مان ڀانيان ٿو ٻهراڙيءَ جي هن سادڙي ماڻهوءَ ۾ ڪمال جي ڏات آهي ، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾  اديبن کي تعارف ٺاهڻ ۾ سال لڳندا آهن ، مگر اسان جي هن جاکوڙي ليکڪ ڊاڪٽر شير محنت جي بدولت تمام ٿوري عرصي ۾ خوبصورت تعارف ٺاهيو آهي.

سنڌ جو ناميارو شاعر، ليکڪ، محقق ۽ نقاد پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احدي خان راڄپر، مڊل ڳوٺ ٻٻر وڏن جي سرڪاري مڊل اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، انٽر گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول ڪنب، بي.ايس.سي (باٽني) ۽ ايم.اي سنڌي ادب ۽ انگريزي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڪيائين. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان  “ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات ” جي عنوان تي نامياري اديب ، ليکڪ ۽ اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي رهنمائي ۾ 2013ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي.

هي ڪجهه عرصو پاڪستان ايئر فورس ۾ ملازم رهيو، بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ 2012ع ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. شير مهراڻي 16 سال ماهوار ‘سوجهرو’ جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي خبرن واري شعبي ۾ ‘نيوز ٽرانسليٽر’ ۽ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان سلهاڙيل رهيو. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جو بنيادي ميمبر هجڻ سان گڏ ڪنب شاخ ۽ ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن سان سلهاڙيل آهي. هو بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر آهي ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جو پڻ ميمبر آهي. هن ڪيترن ئي نيشنل توڙي انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۾ پيپر پڻ پڙهيا آهن. هو ڪيترن ئي شاگردن جو ريسرچ گائيڊ پڻ آهي.

ڊاڪٽر شير مھراڻي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي. سندس پهريون شعر 1999ع ۾ شايع ٿيو. هن شاعريءَ جي سکيا شاعر دوست محمد راڄپر کان حاصل ڪئي. سندس 13 ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ “ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات ”، شاهه لطيف جي شاعري جو جديد اڀياس، جماليات : هڪ تنقيدي جائزو، پوئٽڪس (ارسطو) اردو ۽ انگريزي مان سنڌي ترجمو، درد جو جمال (ڪهاڻيون: ڊاڪٽر شهناز شورو) اردو مان سنڌي ترجمو، لطيفيات جو اڀياس (ايڇ اي سي پاران آنلائن شايع ڪيل)، سنز آف سوائيل (منصور ٿلهي جي ناول مٽي مهاڻا جو سنڌي مان انگريزي ترجمو)، راڄپر جي رمز (ترتيب )، بڪيئسٽ آف ڀٽائي ( انگريزي ۾ شاھ لطيف تي لکيل ڪتاب)  شامل آهن.  ڊاڪٽر شير مهراڻي جو ترجمو ڪيل هڪ ناول ‘تاپسي’ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ماهوار ‘سوجهرو’ ۾ قسطوار شايع ٿيو. تنقيد، ترجمي ۽ تحقيق تي لکيل سندس پنج ڪتاب اڃا اڻڇپيل آهن. هن ٽيهن کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف تحقيقي جرنلس ۾ ڇپيل آهن.کيس اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جو شاه لطيف تصوف ايوارڊ 2013ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ادبي ايوارڊ 2014، شاهه لطيف ايوارڊ 2018ع ۽ گلوبل سي ايس آر انٽرنيشنل ايوارڊ 2020 ع سميت ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.

پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻي جي جاکوڙي شخصيت تي فخر آهي ته هن نوجوان ضلعي خيرپور جي هڪ ننڊڙي ڳوٺ کان نڪري محنت ڪري سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ، تيرنهن ڪتاب لکيا آهن، ڪيترائي تحقيقي ريسرچ پيپرز لکيا آهن ، ڪميشنس جا امتحان پاس ڪري هڪ شاندار منزل ماڻي آهي ، ريئلي هنن جي شخصيت نوجوانن لاءِ هڪ اتساه جو باعث آهي . جيتري مونکي ڄاڻ آهي ته ڊاڪٽر شير مهراڻي کي مطالعي ڪرڻ ، ادب طرف راغب ٿيڻ ، زندگي ۾ ڪجهه بڻجڻ جو اتساه سندس تاريخي ڳوٺ احدي خان راڄپر جي ان پنهنجي مدد پاڻ تحت بنايل لائبريري  “سنڌو لائبريري ” ڳوٺ احدي خان راڄپر لڳ ڪنب  مان مليو آهي ، ان لائبريري کي قائم ڪرڻ جو سهرو بزرگ سياستدان ۽ دانشور چاچا شاهنواز خان راڄپر ڏانهن وڃي ٿو . ڪجهه وقت پهريان چاچا شاهنواز خان راڄپر سان ملڻ لاءِ ڳوٺ احدي خان راڄپر وڃڻ ٿيو ، چاچي ان لائبريري جو حال احوال پڻ ڏنو ، ان لائبريري ۾ سنڌ جون ڪيتريون ئي شخصيتون ڀيرو ڀرينديون رهيون جن ۾ رسول بخش پليجو ، جسٽس صلاح الدين پنهور ، محمد اسماعيل راهو وغيره . اهڙي شاندار لائبريريءَ جو ذڪر ڊاڪٽر شير مهراڻي پنهنجي گفتگو ۾ ڪندو رهندو آهي .

ڪي شخصيتون پنهنجي ڪم ۽ خوبصورت  ڪردار ڪري ايتريون وسيع ٿي وينديون آھن جو خاندان, ڳوٺ, صوبي نه پر ملڪ جو تعارف بڻجي وينديون آھن ۽ دنيا سندن احترام ڪندي نظر ايندي آھي. سنڌ جي نامياري ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻي جاکوڙي شخصيت جي ڪيل پورهيي کيس اهو مقام ڏنو آھي جو هوء هاڻي هن ملڪ جي مانائتن شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو نه صرف گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آھي.

سندس سڀاء کيس سندس سونهن وانگي نمايان ڪندو آھي. وڏيون شخصيون اعلي انساني روين ڪري به وڏيون ٿين ٿيون. سندن روين ۾ منفيت, ڪروڌ, گلا, غيبت, انا, غرور, آڪڙ ۽ احساس برتري واريون بيماريون ناهن هونديون.  ڊاڪٽر شير مهراڻي سان ملبو ته انهن روين کان پري هڪ اهڙي شخصي ڪائنات ملندي جو دل چوندي اتي رهي ڪجهه گهڙيون ماڻھپي تي ويساهه ڪجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر شير مهراڻي ملڪ جو ناميارو ليکڪ، محقق، لطيف سرڪار جو پارکو، سنڌي ادب جو مايا ناز استاد، تاريخ تي گهري دسترس رکندڙ شخصيت جيڪو هر وقت تحرڪ ۾ رهي ٿو، ڊاڪٽر شير شاگردن کي اهڙي انداز ۾ پڙهائي ٿو جو هنن جو ڏنل ليڪچر شاگردن کي برزبان ياد ٿيو وڃي، سندس سوين شاگرد ته ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي ڪلاسز ۾ پڙهن ٿا ۽ پڙهيا آهن پر مون سميت اڻ ڳڻيا سندس يوٽيوب تي رکيل ليڪچرن ۽ پروگرامن ۾ ڪيل تقريرن کي ٻڌي هنن جو شاگرد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. ڊاڪٽر شير جو ڪيل ادبي ڪم سندس 13 ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد مقام رکن ٿا، هنن جي متحرڪ شخصيت کي ڀٽائي سرڪار جو هيء شعر منسوب ڪجي ٿو :

مون کاھوڙي لکئا، آين نه آرام،

ڪيائون تن تمام، جه ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.