Shatila Mahtani

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

سشیلا مھتاٹی

تاریخ پیدائش: 31 اگست 1929

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي مشهور فنڪاره سشيلا مھتاڻي سنڌ جي محال ڪوھستان جي علائقي ٿاڻي بولا خان سان تعلق رکندڙ ھندو خاندان ۾ 31 آگسٽ 1929ع تي ڪراچي سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو وڏو ڀاءُ دولت رام مھتاڻي پنهنجي دور جو ڪراچيءَ جو وڏو واپاري ۽ سماجي شخصيت ھو، ان پنهنجي ڀيڻ جي سٺي تعليم ۽ تربيت ڪئي، کيس ھڪ ٻي ڀيڻ شيلا به ھئي، جيڪا به سٺي فنڪاره ھئي، سشيلا مھتاڻي پنهنجي انٽر تائين جي تعليم ڌمي ٻائي بسنت سنگ گرلز ھائي اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ خاندان سان گڏ ڪراچيءَ مان بمبئي منتقل ٿي وئي، ھتي ھن بمبئي يونيورسٽيءَ سان ايفيلئيشن رکندڙ جئه هند ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، پر ڪجهه ئي سالن ۾ ارلي ففٽيز ۾ واپس ڪراچي سنڌ موٽي آئي، ھن مختلف پروگرامن ۾ شاگردي واري زماني کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو ته سندس خاندان خاص ڪري سندس ڀاءُ دولت رام مھتاڻي سندس وڏي ھمت افزائي ڪئي، سشيلا مھتاڻي ڪا عام فنڪاره نه ھئي نه ئي عام محفلن ۾ ڳائيندي هئي، صرف صاف سٿرن ۽ چونڊ پروگرامن / فنڪشنز ۾ ڳائيندي هئي، ھن سنڌ جي سرموڙ فنڪار ماسٽر محمد ابراهيم کان راڳ جي سکيا ورتي، ساڻس گڏ سندس ڀيڻ شيلا مھتاڻي به راڳ جي سکيا ورتي پر ڳائيندي تمام گھٽ ھئي، سشيلا مھتاڻي ورھاڱي کان پوءِ ٺھندڙ ڪيترين ئي سنڌي فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگنگ ڪئي، ھن ڊوئيت سان گڏ ماسٽر محمد ابراهيم ۽ ٻين فنڪارن سان گڏ دوگانا به ڳايا آهن، سندس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ٿيا، جيڪي اڄ تائين وڄندا رھن ٿا، سشيلا مھتاڻي صاف سٿري ۽ صوفي شاعري ڳائي آھي، ھن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست سميت اڪثر صوفي شاعرن جي شاعري ڳائي آھي، سشيلا مھتاڻي جو خاندان ليٽ سڪسٽيز ڌاري اسپين منتقل ٿي ويو، سندس آخري ڏس Gran Canaria جي Canary Islands تي ھو، ھن وقت خبر ناهي ته ڪٿي آهي، جيئري به آهي، الائي نه، ڪنهن دوست کي خبر ھجي ته شيئر ڪري..

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.