Soomaar Shaikh

 

 

 

 

سومار شیخ

سومار شيخ سنڌ، خاص ڪري لاڙ پٽ جو وڏو محقق، ادیب، نقاد، شاعر ٿي گذريو آهي، ھن تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو، بدين ۾ موجود لاڙ ميوزيم به سندس محنتن جو نتيجو آهي، محمد سومار شيخ پھرين جنوري 1935ع تي ضلعي بدين جي ھڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ھن ورنيڪيولر ۽ اديب فاضل جا امتحان پاس ڪيا، کيس شاگردي واري زماني کان ئي تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي هئي، ھن لکڻ جي شروعات ته شاعري ۽ فڪشن کان ڪئي پر پوءِ هن جو گهڻو لاڙو تحقيقي ڪم ڏانهن رھيو، ھن تاريخ، لوڪ ادب، قديم آثارن، ثقافت، آتم ڪٿائن تي تحقيقي ڪم ڪيو، ڪتاب لکڻ سان گڏ مختلف ڪتابن کي ترتيب ڏئي ڇپرائي پڌرو ڪيائين، ادبي، ثقافتي، علمي ميلا/پروگرام ڪرايائين، ھن ئي ضلعي ڪائونسل جي مدد سان بدين ۾ لاڙ ميوزيم قائم ڪيو، جنھن جي لاءِ نوادرات کان وٺي ھر شئي محمد سومار شيخ گڏ ڪئي، محمد سومار شيخ لطيف پبليڪيشن قائم ڪئي، جنھن جو نالو تبديل ٿيندو ٿيندو ساگر پبليڪيشن بڻيو، ان پبليڪيشن کي پوء ’’لاڙ ادبي سوسائٽيءَ‘’ جو نالو ڏنو ويو، محمد سومار شيخ جا اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيل آهن، جن مان صرف پنجاھ جي لڳ ڀڳ ڇپيل آهن، سندس مشهور ڪتابن ۾: آڌي رات، هڪ ندي ٻه ڪنارا، ڪليات فاروق، تاريخ الشعرا لاڙ، روحاني ابيات، ڪليات شيخ الهبچايو، گوگو چوهاڻ، ڇوليون، سنڌي آوازن جا تبادلا، بو علي قلندر، ڪلام مرکان شيخڻ، روپا ماڙي، دوها ۽ دونهان، ڪلام پير ڀاون علي شاهه ’ساقي‘، ڄراٽيس ڄيري، پيرو فقير جو ڪلام، عبراني، شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ کي ڳائيندڙ شاعر، بدين: واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ، بدين ضلعي جي اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين، منتخب ڪلام رئيس عالم خان نظاماڻي، بدين ضلعي جا مشاهير، بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، ڪڇين جا قول، بدين ضلعي جو مطالعو، لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا، سنڌ جا زيوَر، بدين ثقافتي ميلي جي ڪهاڻي، سنڌ جون سورميون، شفا بخش پاڻي، ٽيڙُو اُڀا ٽي، اڻمٽ نقش، مسٽر حاجي، ڪلام جڙيل عباسي، پير شاهه قادري، ماهه ذوالحج، مناجات ساقي، شاهه جا گم ٿيل بيت، شاهه جا گم ٿيل بيت (ست سر)، پارس، پکرو وچور، پرڏيهين جا پيغام، ڪلام الهه بچايو شيخ، برج ڀاشا جو گرامر (مهراڻ ۾ ڇپيل) وغيره وغيره شامل آهن، محمد سومار شيخ سڄي زندگي درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو، ھن 23 آڪٽوبر 1986ع تي ھي جھان ڇڏيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.