Saqi Abro

 

 

 

 

قومي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر ”ساقي ابڙو“ جو پروفائيل..!

1۔نالو ولديت ۽ ذات

*راشد منھاس ”ساقي ابڙو“ ولد استاد عطاءُ الله ابڙو ذات ابڙو (ڪوڏراڻي)

2۔ڄمڻ جي تاريخ

*06۔12۔1971 ڇھين ڊسمبر اڻويھ سو ايڪھتر

3۔ڄمڻ جو هنڌ

*اڏيرولال اسٽيشن شھر تعلقو ۽ ضلعو مٽياري

4۔تعليمي لياقتون

*بي اي۔ بي ايڊ

5۔ذريعه معاش (روزگار)

*پرائمري اسڪول ٽيچر

6۔شعبو: علم۔ ادب۔صحافت۔ سياست۔ ثقافت۔ سماجي خدمتون۔ مذھب

*سڃاڻپ علم ۽ ادب آهي پر صحافتي۔ سياسي ۽ سماجي حوالي سان به 25 سالن کان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهيان

 علم۔ ادب۔ صحافت۔ سماجي خدمتن ۽ سياست ۾ اچڻ جي تاريخ

*ادبي کيتر ۾ 1985ع ۾ پير پاتو ۽ شاگرد جدوجھد ڪئي، صحافت ۽ سياست جو باقاعده آغاز 1988ع کان ڪيو

تنظيمن، پارٽين ۽ اخبارن سان تعلق

*1۔ سپاف 1988 کان 1995

2۔ پيپلز يوٿ 1996 کان 2000

3۔ پيپلز پارٽي 2001 کان هن وقت تائين

4۔ *اخبارون: روزاني ”ڏهيسر“ ڪراچي (سنڌي اردو) 1988

 *روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچي (ڪمپيوٽر تي نڪرندڙ پھرين سنڌي اخبار) جو رتوديرو ۾ پھريون نمائندو 1990

*روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد جو به رتوديرو ۾ پھريون نمائندو (عوامي آواز مان استعفيٰ ڏئي) 1991

* ميونسپل ڪاميٽي رتوديرو جي ايڊمنسٽريٽر مير لياقت خان جلباڻي کان ”رتوديرو پريس ڪلب“ لاءِ شاه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ هڪ ڪمرو وٺي پريس ڪلب جو نئين سر بنياد وڌو ۽ آئين ڏنو 1992

* پنھنجي جنم ڀومي اڏيرولال اسٽيشن ۾ ”پريس ڪلب“ جو بنياد وڌو ۽ اتي ئي ”ڪاوش“ جو نمائندو ٿيم 2000

* سنڌ ۾ پھريون ڀيرو ”تعلقن“ کان ”يونين ڪائونسل“ سطح تي اخبارن جون ”اسٽيشنز“ قائم ڪرائڻ جنھنجي شروعات يو۔سي ”وارثڏنو ماڇي“ ۾ مختلف اخبارن جا ”نمائنده“ مقرر ڪرائي ڪئي وئي جنھن سبب ئي اڄ سنڌ جي صحافت ڳوٺ ڳوٺ ۽ جهر جهنگ تائين پھچي وئي آهي ۽ هاڻي تقريبن هر يو۔سي ۾ اخبارن جون اسٽيشنون آهن

* ”وارثڏنو ماڇي پريس ڪلب“ جو بنياد وڌو ۽ صحافين جي مضبوط صف بندي ڪئي۔

* سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو جو 1990 ۾ بنياد وڌو ۽ سيڪريٽري سميت مختلف عھدن تي رهيس هاڻي به سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو جو ”سيڪريٽري“ آهيان ۽ رتوديرو شاخ کي سنڌ جي ”متحرڪ ترين شاخ“ جو ”ايوارڊ“ پڻ ڏياريو آهي۔

@ ان کان علاوه مختلف تنظيمن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن، اخبارن ۽ مئگزينز پاران ڪيترائي ايوارڊ، اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻيا آهن۔ جن ۾ ”بيسٽ ٽيچر“ ايواڊز، ”قومي ۽ مزاحمتي شاعر“ جو ايوارڊ، ”بھترين صحافي“ جو ايوارڊ، ”بھترين رپورٽر“ جو ايوارڊ، ”بھترين ڪھاڻيڪار“ جو ايواڊ، ”متحرڪ سماجي ڪردار“ جو ايوارڊ، رتوديرو ۾ ايڊز ۽ ڪرونا صورتحال دوران ڪيل ڪاوشن تي بين الاقوامي ادارن ۽ تنظيمن پاران ”ايپريسيئيشن سرٽيفڪيٽس“ وغيره

موجودو پتو: حسين آباد محلو سٽي رتوديرو

مستقل پتو: ڳوٺ علي بيگ خان ڪوڏراڻي يونين ڪائونسل وارثڏنو ماڇي تعلقو رتوديرو

رابطه نمبرز

03342074521

03083418863

واٽس ايپ۔ 03483456309

شالَ نَہ ڪَنھِنجِي نِياڻِي وَحشِيُن وَرِ چَڙهي..!

غزل

ساقي ابڙو

هَر ٻارَ  جي مُکَ تي مُرڪَ هُجي  دِل چاهي  ٿِي,

نَرَ نارَ  جي مُکَ تي  مُرڪَ  هُجي دِل چاهي  ٿِي!

عالَمَ    جا    اِنسانَ    سَڀئِي   خُوشحالُ    رَهَن,

سَنسارَ جي  مُکَ تي مُرڪَ هُجي دِل چاهي ٿِي!

زَردارُ  تَہ  مَصنُوعِي  ئِي سَھِي،  پَرَ  مُرڪي  ٿو,

نادارَ  جي مُکَ  تي مُرڪَ  هُجي دِل  چاهي ٿِي!

جِيتَ  هَميشه   جِيتي  پَئِي  خُوش   ٿِيندِي   آ,

ھارَ  جي  مُکَ  تي مُرڪُ  هُجي دِل چاهي  ٿِي!

شالَ    هُجَن   سَڀُ   چَھرا   گُل    گُلابَ   مِثِل,

خارَ جي  مُکَ تي  مُرڪَ هُجي  دِل چاهي  ٿِي!

شالَ نَہ  ڪَنھِن جِي نِياڻِي وَحشِيُن  وَرِ چَڙھي,

نَنگَدارَ جي مُکَ تي مُرڪَ  هُجي دِل چاهي ٿِي!

شالَ ڪَڏَهِن مَعصُوم ڪَليُون بِہ نَہ ڪُومائِجَن,

گُلزارَ جي  مُکَ تي مُرڪَ هُجي دِل  چاهي ٿِي!

سِنڌُ    بِہ   ”ساقِي“  شالَ  سَدا   آبادُ  رَهي,

سِنڌُ يارَ  جي مُک  مُرڪَ هُجي دِل  چاهي ٿِي!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.