Shahid Asad

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شاھ اسد

29 نومبر 2005 یوم وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌي فلمن جي مشهور فلم ساز، ليکڪ، شاعر، اداڪار سيد اسد ﷲ شاهه المعروف شاهه اسد 15 آگسٽ 1947ع تي ٽنڊي آدم ۾ ھڪ علمي ادبي خاندان ۾ جنم ورتو، سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر موسيٰ ڪليم سندس خاندان سان تعلق رکندڙ ھو، ھن پنھنجي ادبي ڪيريئر جي شروعات شاعر طور ڪئي، سندس تخلص “محبوب ترمذي” ھو، شاھه اسد تمام پڙهيل لکيل ماڻهو ھو، ھن علم سماجيات ۾ ماسٽرس ۽ ايل ايل بي ڪئي ھئي، ھن سڀني کان پهرين مشھور سنڌي فلم “رنگ محل” جا گيت لکيا، ان دوران هن ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکيا، ھن ادبي تنظيم “اداره نواءِ ادب” ٺاهي، “شاھ موويز” جي نالي سان فلم ڪمپني قائم ڪئي، جنهن جي پليٽ فارم تان ھن فلمون ٺاهيون، فلمن جون ڪھاڻيون لکيون، ڊائلاگ لکيا، سندس مشهور فلمن ۾ (غيرت جو سوال، جلال چانڊيو، شھيد، جيئي لطيف، محب شيدي، واعده، جانو ڪپتي، شاگرد، ڀٽو زندهه آهي، شمن ميرالي، مان عاشق تنهنجو آهيان) وغيره شامل آهن، شاھ اسد جي لکيل ڪھاڻين جو مجموعو “دل ۽ ڌرتي” جي عنوان سان ڇپيل آهي، سندس شاعري مھناز بيگم، ناهيد اختر، رونا ليلئ، حميرا چنه، محمد يوسف، جلال چانڊيو، امام بخش زرداري سميت مختلف فنڪارن ڳائي آھي، ھن 29 نومبر 2005ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!