Altaf Abbassi
سنڌ جي مشهور شاعر الطاف عباسي 15 جولاءِ 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو، ھن سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي ھئي، ايل ايل بي ڪئي ھئي، مئٽرڪ پاس ڪرڻ شرط مختلف نوڪريون ڪيائين، فنانس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ، تعليم کاتي ۾ استاد رھيو، وڪالت ڪيائين، نيٺ ڪميشن ڪري ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٿيو، ھن جو سنڌ جي مشهور علمي ادبي خاندان سان تعلق ھو، سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي، پاڻي ماھر اي اين جي عباسي سندس ڀائر ھئا، الطاف عباسي عام شاعري سان گڏ ٻارڙن لاءِ به شاعري ڪئي، جيڪا مختلف نصابي ڪتابن ۾ شامل آهي، ھن 6 فيبروري 1978ع تي ھڪ روڊ حادثي سبب وفات ڪئي..