Kishanchand Bewis

 

 

 

 

 

 

“الا..! جھري م شال غريبن جي جھوپڙي.”

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر ڪشنچند تيرٿ داس کتري المعروف ڪشنچند بيوس 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ڪشنچند بيوس سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر آهي، کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکندڙ چيو ويندو آهي، سندس شاعري مختلف ڪلاسن جي ٽيڪسٽ ۾ شامل آهن، ھن عام شاعري سان گڏ ٻارڙن لاءِ شاعري به ڪئي، سندس ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب ”موجي گيت“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، سندس شاعري جي ٻين ڪتابن ۾ سامونڊي سپون، شيرين شعر، ڦول داني (بيوس ۽ ٻين جي شاعري)، گرو نانڪ جيون ڪوتا، انڊلٺ، شعر بيوس، بيوس گيتا نجلي، سڏ پڙاڏو ساڳيو، ڪُليات بيوس (مرتب: محمود شاهه بخاري)، ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون (مرتب: نصير مرزا) وغیرہ شامل آهن، ڪشنچند بيوس 23 سيپٽمبر 1947ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.