گل شڪر

گل شڪر– صفحا 258+18؛ سائيز ڊيمي؛ ڇپائي، ڪاغذ، جلد، ڊسٽ ڪور– سڀ سٺا؛ قيمت ٽي رپيا؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

هي ڪتاب سنڌ جي قديم ليکڪ ديوان ڪيولرام آڏواڻي جو لکيل آهي، جو 1869ع ۾ تيار ٿيو ۽ گورنمينٽ بڪ ڊيپو ۾ بار بار ڇپجندو رهيو، پر آفيسرن جي الغرضائيءَ سان جڏهن بڪ ڊيپو خانگي ڪتب فروشن جي حوالي ٿيو ته هنن پنهنجي ڪتابن هلائڻ خاطر هيءُ ۽ ههڙا ٻيا ڪيترائي مفيد ڪتاب ڇپڻ بند ڪري ڇڏيا.

سنڌي ادبي بورڊ جو اولين مقصد هو ته اڻ لڀ مفيد ڪتابن کي ٻيهر ڇپائي، کين ضايع ٿيڻ کان بچائي؛ ان ڪري بورڊ هيءُ ڪتاب ڇپايو. سندس مقبوليت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٻن سالن جي عرصي اندر ٻه هزار ڪاپيون خلاص ٿي ويون، ۽ هاڻي وري نئون ايڊيشن تيار ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ 570 پهاڪا آهن، جن جي نه رڳو سمجهاڻي ڏنل آهي، پر انهيءَ سمجهاڻيءَ ۾ باريڪ نڪتا ۽ آکاڻيون به ڏنل آهن ۽ پڻ انهيءَ قسم جا هندي ۽ پارسي پهاڪا به ڏنل آهن. هر سنڌي ادب جي شائق کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!