عجيب جواهر

عجيب جواهر

از شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، صفحا ۷۶، قيمت ڏيڍ روپيو ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

”عجيب جواهر“، شعر جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ انگريزي شاعريءَ مان اخلاقي ۽ اصلاحي شعرن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪنهن ڌاري ٻوليءَ مان ترجمو ڪرڻ، اهڙو آسان نه آهي، تاهم مرزا صاحب مرحوم، جنهن فنڪارانه حيثيت سان، سنڌي شعر ۾ انگريزي خيال آندا آهن، اهي اصل جون سڪون ٿا لاهين. سارو ڪتاب واقعي عجيب جواهرن سان ڀريل آهي. هن ترجمي جي هڪ خصوصيت اها به آهي، جو مرزا صاحب، ترجمي سان گڏ، وزن به ڏنا آهن، جن جي سمجهڻ ۽ پروڙڻ سان، نو آموز شاعرن کي فن عروض متعلق پڻ ڪافي رهنمائي ٿئي ٿي. جن مشهور شاعرن جو شعر آيل آهي، تن مان ڪن جا نالا پيش ڪجن ٿا. مثلا: شيڪسپيئر، پوپ، وليم ڪوپر، والٽر اسڪاٽ، گولڊ سمٿ، جان ڊرائڊن، ٽينيسن، بائرن، ڪالرج، برنس، ڪيٽس، ورڊسورٿ، فرانسز، ڊگلس، شلر، ڪوڪ، وليم جونس، لانگ فيلو، ايليٽ وغيره، انهن جي بين الاقوامي شهرت کان هر ڪو واقف آهي. مرزا صاحب ’عجيب جواهر‘ لاءِ چيو آهي:

قدر ڄاڻي جواهرن جو ڪونه،

ڪڏهن جڳ ۾ جواهريءَ ڌارا.

ريءَ سخن سنج ڪونه ڪوسمجهي،

منهنجا سونهري هي سخن سارا.

”عجيب جواهر“ ۾ ڪل ۱۴۰ عنوان آهن ۽ ۷۶ صفحن جو ڪتاب آهي. سندس قيمت ڏيڍ روپيو آهي.    غ. م.گ.

ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!