چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

1 min read

چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

مترجم سراج الحق ۽ غلام رباني؛ ڪرائون سائيز صفحا 457؛ ڇپائي صاف سهڻي، گيٽ اپ معياري، ڪاغذ عمدو، جلد رنگين دلڪش، قيمت چار روپيا؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جا بوڪ اسٽال-

(1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي. ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

پنهنجي ٻوليءَ جي دائري کي وسيع ۽ متمول بنائڻ جو هيءُ پڻ طريقو ٿيندو آهي ته دنيا جي جدا جدا ٻولين جي ادبي شهپارن سان ان جي ادب کي مزين ڪجي. ترجمو خود هڪ فن آهن. ترجمو نه فقط ٻيءَ ٻوليءَ جي لفظن ۽ محاورن جو پنهنجيءَ زبان ۽ محاورن ۾ بدل آهي، پر ترجمو اصلي مصنف جي حساس جي عمق سمنڊ جي انهن بد مست ۽ بيباڪ ڇولين ۽ موجن جي نقاشيءَ جو نالو آهي، جي حاضر ماحول ۽ معاشي، سماجي ۽ سياسي بدحاليءَ جي طوفان جو رد عمل آهن. اهڙيءَ نقاشيءَ، نقاليءَ ۽ ترجمانيءَ لاءِ ڪنهن هوشيار غواص جي ضرورت آهي، جو اهڙي اپار ۽ عميق دل ۾ ٽٻي هڻي، پنهنجي ڪم جون سپون ۽ موتي سوجهي ٻاهر ڪڍي. اهڙي مشڪل ڪم لاءِ سراج ۽ ربانيءَ جو انتخاب بلڪل مناسب آهي- هي ٻئي تعليم يافتا نوجوان، سنڌ جا پختا افساني نويس آهن، ۽ هر هڪ ڄڻي پنهنجي ترجمي جي حصي کي خوب نباهيو آهي. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پڻ، وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪري، جنهن طرح هيءَ ترجمن ڪرائڻ جي مشڪل مهم سرڪرڻ شروع ڪئي آهي، سا حقيقت ۾ هر سنڌيءَ جي دلي ڪيفيتن جي ترجماني آهي.

مٿيون ڪتاب، ”چونڊ آمريڪي مختصر افسانا“ ان ديس جي افسانه نويسن جي بهترين افسانن جو انتخاب آهي. آمريڪي زندگي، انساني زندگيءَ جي جدا جدا شعبن جو مرڪب آهي، جن کي صحيح طرح بيان ڪرڻ آمريڪي ادب جو فرض اولين پئي رهيو آهي؛ چناچه هن افسانن جي مجموعي ۾ امريڪي زندگيءَ جي مختلف پهلوئڻ کي ظاهر ڪيو ويو آهي.

امريڪا جو ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ۽ امريڪي قوم دنيا جي مهذب قومن ۾ شمار ٿين ٿا. هر هڪ ملڪ ۾ قوم جي تهذيبي ۽ ثقافتي عروج جو عڪس، ان جي ادب ۾ ئي ڏسي سگهبو آهي. امريڪا جهڙي وڏي ترقي يافته ملڪ جو ادبي اڀياس نه فقط اسان لاءِ دلچسپ بلڪ ضرروي آهي. ’سنڌي ادبي بورڊ‘، امريڪي ادب جو هيءُ انتخاب پنهنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪري، سنڌي عوام کي موقعو مهيا ڪري ڏنو آهي ته هو امريڪي عوام جي ذهني لاڙن کي چڱيءَ پر جاچي ڏسن. ”چونڊ امريڪي مختصر افسانا“ جي اڀياس مان اسان کي امريڪا جي غريب، متوسط ۽ امير طبقن جي زندگيءَ جو اهم عڪس نظر اچي ٿو، جنهن مان هن ڳالهه جي پتو پوي ٿو ته ڪنهن هر قوم جا اعليٰ اديب، هر ديس ۾، هر حالت ۾، حق ۽ انصاف جي حمايت ۾ جدوجهد ڪندا رهن ٿا.

هن افسانن جي مجموعي مان نه صرف عام پڙهندڙ حظ حاصل ڪري سگهندا، پر اسان جي ٻوليءَ جا نوان افسانه نويس پڻ ڪافي فائدو پرائي سگهندا: افسانوي فن ۾ جن ڪمزورين جو هو گهڻو ڪري شڪار پئي رهيا آهن، سي هنن افسانن جي فني لياقتن سمجهڻ کان پوءِ هو ضرور سڌاري سگهندا.

’سنڌي ادبي بورڊ‘ پنهنجي ههڙيءَ محنت ۽ ڪاوش، ۽ اهڙي بي بها پيشڪش تي بيشڪ کيرون لهڻيون. (م. غ. ب)

ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!