Atta Mohammad Bhanbaro

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

پھرین فیبروری  1936

 سنڌ جي آزاديء جي پرواني سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب جو  جنم ڏينهن

سائين عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ -بچل- ڀنڀري، تعلقي سوڀيڍيري (ضلعي خيرپورميرس) ۾ ڄائو.ايل.ايل.بيءَ جي -تعليم- لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي پڙهيو. قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي شروعاتي مشق گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته نامياري وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ -اياز- سان گڏ هن 1970ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جي پرئڪٽس ڪئي.عطا محمد ڀنڀري 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو -جاري- ڪيو، جنهن بعد ڊي. پـي. -آر- لاڳـو ٿـي. ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ شـايـع ٿـيـو ۽ انهــيءَ ئــي عـرصـي ۾ ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1980ع ڌاري هن ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ ائين -انگريزي- ۽ روسي ٻولين مان پڻ ٻاراڻي ادب جا بهترين ڪتاب ترجما ڪيائين. هن 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري به -تخليق- ڪئي. 1989ع ڌاري عطا محمد ڀنڀرو حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ساڳئي سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي ترجمو ڪيو ۽ ائين هن ترجمي جي فن کي باقاعدي معمول بڻايو، هن وقت تائين هو هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي، -جن- مان ڪي مختلف ادارن وٽان ڇپيا ۽ ڪجهه -اشاعت- جا منتظر آهن. هن انڊس اسڪرپٽ پڙهي وڃڻ جو به اعزاز ماڻيو۔

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!