Per Ser Ram Zia

 

 

 

 

 

 

 

پرسرام ضیا

11 جولاء 1911: تاریخ پیدائش

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اڄ ھنڌ سنڌ جي مشهور سنڌي شاعر پرسرام ’ضياء‘ جي پئدائش جي تاريخ آهي، ھن 11 جولائي 1911ع تي ٽنڊي آدم ۾ جنم ورتو، سندس خاندان پوء نوابشاهه منتقل ٿي ويو، ھن سنڌي ورنيڪيولر جو امتحان پاس ڪيو، پر نوڪري ڪو نه ڪئي ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪيائين، کيس ننڍي هوندي کان ئي شاعري ۽ لکڻ جو شوق هو، نواب شاهه ۾ بزم ادب جو بنياد رکڻ ۾ به ھن جو اھم ڪردار ھو، ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪرايائين، سندس شاعري جي مجموعن ۾ گلزار رنجور، تصوير احساس، باغ بهار، آلاپ ضياء، ادبي گل، پيغام ضياء، گيت برهه جا، وغيره شامل آهن، ورهاڱي کان پوء الهاس نگر ھليو ويو، اتي به ھن لکڻ جاري رکيو، ھن ورھاڱي ۽ وڇوڙي تي به شاعري ڪئي، ته اباڻا، لاڏلي، جهولي لال، انصاف ڪٿي آهي ۽ ٻين فلمن لاءِ گيت به لکيا، سندس شاعري غلام رسول نوابشاهي، محمد يوسف، انور حسین وسطڙي، ماسٽر چندر، رام پنجواڻي، ڀڳونتي ناواڻيءَ سميت ھنڌ سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن 28 آڪٽوبر 1958ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.